ڏنگ هڻڻ تي همراهه نانگ کي چٻاڙي ڇڏيو

دنيا ۾ ڪنهن به شخص کي نانگ جي ڏنگ هڻڻ جا مختلف واقعا ته سڀ ڪنهن ٻڌا هوندا جن مان ڪيترائي واقعا حيرت ڏيندڙ به يقينن هوندا.
پر هي واقعو اهڙي نوعيت جو آهي جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو پنهنجي نوعيت جو شايد دنيا جو پهريون انوکو واقعو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي رياست بهار ۾ هڪ شرابي شخص نانگ کي پڪڙي چٻاڙي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي هڪ ڳوٺاڻي 65 سالن جي رامو مهتو آچر واري ڏينهن نانگ کي پڪڙي چٻاڙي ڇڏيو هو جنهن جي ڪري رامو سومر ڏهاڙي تي فوت ٿي ويو هو.
رامو جي گهرڀاتين جو چوڻ هو ته هو گهر جي اڳيان شراب جي نشي ۾ ڌت ويٺل هو ته اوچتو کيس نانگ ڏنگ هڻي وڌو جنهن تي تيش ۾ اچي رامو وڏي محنت کانپوءِ نانگ کي پڪڙيو ۽ انکي سنق سيکارڻ لاءِ چٻاڙي ڇڏيو.
هن جي گهرڀاتين ٻڌايو ته رامو جي پڪڙڻ ۽ چٻاڙڻ دوران نانگ انکي ڪيترائي ڀيرا منهن تي به ڏنگ هنيا پر رامو نانگ کي نه ڇڏيو، ان واقعي کانپوءِ جنهن وقت رامو گهرڀاتين طرفان علاج لاءِ اسپتال هلڻ جو چيو ته ان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گهر ۾ ئي سمهي رهيو پر رامو کي اها خبر نه هئي ته هو اها ننڊ معمول واري ننڊ نه پر موت واري ننڊ سمهي رهيو آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ان کي مئل حالت ۾ ڏٺو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔