سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاريو ۽ مفت پيٽرول ڀرايو

دنيا ۾ ڪٿي ائين ناهي ته توهان کي پنهنجو ڪارڊ ڏيکارڻ سان ڪا به شيءِ مفت ۾ ڏني وڃي، تنهن هوندي به ائين نٿو چئي سگهجي ته شناختي ڪارڊ توهان جي لاءِ في فائدي آهي.
ڪوئي سوچي به سگهي ٿو ته شناختي ڪارڊ تي پنهنجو نالو ڏيکارڻ سان ڪجهه به مفت حاصل ڪري سگهي ٿو؟ پر حقيقت ۾ ائين ٿيو آهي.
ڀارت ۾ هڪ غيرمعمولي متاثر ڪندڙ اسڪيم جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري توهان کي شناختي ڪارڊ تي پنهنجو نالو ڏيکارڻ سان مفت ۾ پيٽرول ملي سگهندو.
ڀارتي ميڊيا موجب گجرات جي شهر ڀروچ ۾ پيٽرول پمپ جي مالڪ ايوب پٺاڻ نالي شخص طرفان هڪ انوکي اسڪيم جي شروعات ڪئي وئي آهي.
اسڪيم جي شروعات ٽوڪيو اولمپڪس 2020 ۾ جيولين ٿرو جي فائنل ۾ ٽامي جو تمغو کٽڻ واري نيرج چوپڙا جي ڪاميابي تي ڪئي وئي آهي.
ايوب پٺاڻ طرفان اعلانيل اسڪيم موجب جيڪي ماڻهو نيرج چوپڙا جي نالي سان لفظ چوپڙا شيئر ڪندا آهن اهي 2 ڏينهن تائين 501 رپين جو پيٽرول مفت ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا.
اسڪيم موجب نالي سان گڏ چوپڙا لکندڙ ماڻهن کي پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو.
واضح رهي ته ڀارتي ايٿليٽ نيرج چوپڙا اولمپڪس جي جيولين ٿرو مقابلي جي فائنل ۾ سون جو ميڊل کٽيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔