آمريڪي عورت جو شهزادي اينڊريو تي جنسي زيادتي جو الزام

واشنگٽن: آمريڪي عورت ورجينيا رابرٽس برطانيا جي شهزادي اينڊريو تي جنسي زيادتي جو الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ورجينيا رابرٽس طرفان نيويارڪ جي عدالت ۾ داخل ڪيل ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن کي شهزادي اينڊريو جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي خاتون دعويٰ ڪئي آهي ته شهزادي اينڊريو بدنام زمانا جيفري ايپسٽين جي نيويارڪ واري گهر ۾ ننڍپڻ ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.
واضح رهي ته آمريڪا کان آسٽريليا منتقل ورجينيا رابرٽس جي عمر هن وقت 38 سال آهي جڏهن ته ان کان شهزادو اينڊريو آمريڪي عورت جا الزام رد ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔