مالي ۾ انتهاپسندن جا حملا، 44 ڄڻا مارجي ويا

آفريقي ملڪ مالي ۾ انتهاپسندن جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 44 ڄڻا مارجي ويا.
اختيارين موجب انتهاپسندن ملڪ جي اتر علائقن ۾ ڪيترين ئي ٻهراڙين ۾ منظم حملا ڪيا، انهن واقعن ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا آهن.
اهڙن پرتشدد حملن کانپوءِ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مالي جي فوج طرفان حملو ڪندڙن جي ڳولا جاري آهي.
واضح رهي ته مالي ۾ القاعده ۽ داعش سان سلهاڙيل ڪيترائي مقامي گروپ فعال آهن پر اڃا تائين واضح ناهي ته ڪارروائي ۾ ڪهڙو دهشتگرد گروهه ملوث آهي.
گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جا مشن پڻ ان آفريقي ملڪ ۾ سرگرم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔