،اي ٽي ايم مان پئسا چورائيندڙ چور مشين ۾ ڦاسي پيو، وڊيو ڏسو

ممبئي: ڀارتي شهر چنائي ۾ هڪ چور اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍڻ جي چڪر ۾ پاڻ ئي ڦاسي پيو.
28 سالا موپيندررا رائي نالي جوابدار اي تي ايم مان پيسا ڪڍڻ جي لاءِ مشين ۽ انجي ڀرواري ڀت ته ٽوڙي پر پوءِ مشين ۽ ڀت جي وچ ۾ ئي ڦاسي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب جوابدار نشي ۾ ڌت هو جڏهن ته هن پٿرن سان ڀت کي ٽوڙيو، ويجهي ماڻهن کي اي ٽي ايم وٽان ڪجهه آواز آيا جنهن جي ڪري انهن پوليس کي اطلاع ڏنو.
پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهتي ته پيسا چورائيندڙ جوابدار کي مشين ۾ ڦاٿل ڏٺو ۽ ان کي ڪڍي گرفتار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔