ماهرا خان جي ڦوٽو شوٽن انسٽاگرام تي واهه واهه ڪرائي ڇڏي

لاهور: اداڪارا ماهرا خان جي تازو ئي ڪرايل برائيڊل ڦوٽو شوٽ مداحن جون دليون کٽي ورتيون آهن، اداڪارا جي لباس ۽ انداز جي ساراهه ڪئي پئي وڃي.
ماهرا خان ماضي ۾ به مختلف فيشن برانڊز جي شين جي مشهوري جو حصو بڻجي چڪي آهي پر تاوز ئي هوءَ فائزا ثقلين جي برائيڊل ڪليڪشن جي مشهوري ڪندي ڏسي سگهجي ٿي.
ماهرا خان فائزا ثقلين طرفان ويجهر ئي خورشيد نالي ڪليڪشن ۾ جلوا ڏيکاريا.
فيشن ڊزائنر فائز ثقلين موجب خورشيد نالي برائيڊل ڪليڪشن هن پنهنجي ماءُ جي نالي سان ڳنڍي ان کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
خورشيد برائيڊل ڪليڪشن بابت ماهرا خان جي تصويرن ۽ وڊيو کي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ويو ته مداحن نه رڳو ان جي لباس جي تعريف ڪئي پر اداڪارا جي انداز کي به ساراهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔