ڀارتي اداڪار انوپم شيام ديهانت ڪري ويو

ممبئي: ڪيترن ئي ڀارتي ڊرامن ۽ فلمن ۾ عام طور تي ولين جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار انوپم شيام ڪيترن ئي جسماني عضون جي ناڪارا ٿيڻ سبب ديهانت ڪري ويو.
انوپم شيام پنهنجي جواني ۾ ٽي وي تان اداڪاري جي شروعات ڪئي ۽ 1996 ۾ هن فلمن ۾ قدم رکيو، هن جي پهرين فلم ڪرن کير ۽ امريش پوري جهڙي مڃيل اداڪارن سان گڏ رليز ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب انوپم کير شيام گذريل ڪجهه سالن کان گردن جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ گذريل هفتي ان کي طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال داخل ڪيو ويو هو.
علاج دوران طبي مونجهارن سبب هن جي جسم جا ڪيترائي عضوا ناڪارا بڻجي ويا جنهن جي ڪري هو 8 ۽ 9 آگسٽ جي وچ واري شام لاڏاڻو ڪري ويو.
انوپم شيام جي لاڏاڻي بابت ان جي خاندان ۽ ويجهن دوستن تصديق ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ شوبز شخصيتن ان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔