طالبان وڌيڪ ٻن صوبائي گادي وارن شهرن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

ڪابل: طالبان افغانستان ۾ اڳڀرايون جاري رکندي نمروز، جوزجان، تخار ۽ قندوز کان پوءِ سرپل جو ڪنٽرول به سيڪيورٽي فورسز کان حاصل ڪري ورتو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب طالبان اترين صوبي سرپل ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين کان پوءِ صوبائي واري شهر جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.جڏهن ته طالبان جي يقيني فتح کي ڏسندي سيڪيورٽي فورسز جي حامي مقامي گروپ جي ڪمانڊرز به هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. حڪومت جي حمايته يافته ڪمانڊر پاران هٿيار اڇلڻ کان پوءِ طالبان آساني سان سموري صوبي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو.اهڙي طرح طالبان هينئر تائين نمروز، جوزجان، قندوز، تخار ۽ سرپل جي صوبائي گادي وارن شهرن تي قبضو ڪري ورتو آهي. افغانستان جي صوبي هلمند ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ چڪريون جاري آهن جنهن سبب آمريڪي فضائيه افغان فوج جي مدد ڪئي ۽ طالبان جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي. فضائي بمباري ۾ 20 معصوم شهرين جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.حڪومتي ذريعن جي دعويٰ آهي ته صوبي تخار جي گادي واري شهر طالبان تي اڃان به حڪومت جي رٽ قائم آهي ۽ طالبان کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پر آزاد ذريعن کان حڪومتي دعويٰ جي تصديق ناهي ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔