حڪومت نيون سفري پابنديون هڻي ڇڏيون

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ريل ۾ سفر ڪندڙ شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون آهن.
اسلام آباد ۾ وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ، خاص طور پشاور ۽ راولپنڊي ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ صوبن کي ايس او پيز تي عمل جون هدايتون ڪيون ويون، جڏهن ته پهرين آڪٽوبر کان رڳو ويڪسينيٽڊ شهري ئي ٽرين تي سفر ڪري سگهندا.
واضح رهي ته پهرين آگسٽ کان ملڪ اندر ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ بنا فضائي سفر تي پڻ پابندي لاڳو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔