هوا ۾ موجود ڊي اين اي کي ٽريس ڪرڻ جو طريقو دريافت

سائسدانن هوا ۾ موجود ڊي اين اي کي ٽريس ڪرڻ جو طريقو دريافت ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي ۽ ڊينش سياستدانن هڪ اهڙو طريقو ايجاد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن جي مدد سان هوا ۾ موجود ڊي اين اي جي نمونن کي ٽريس ڪري سگھبو
رپورٽ موجب پروفيسر ايلزبٿ ڪليئر هڪ چڙيا گھر ۾ ان نئين طريقي سان جانورن جي هوام ۾ موجود ڊي اين جا نمونا حاصل ڪيا.
پروفيسر الزبٿ ۽ سندس ٽيم ويڪيوم پمپ سان سلهاڙيل حساس لفٽرز هڪ چڙيا گھر ۾ ويهن مختلف هنڌن تي رکيا. سائنسدانن جي ٽيم کي ان طريقي سان ڊي اين اي جا ستر کان وڌيڪ نمونا حاصل ٿيا.
سائنسدانن فلٽرز مان حاصل ڪيل ڊي اين اي جا نمونن ۾ پي سي آر ٽيسٽ ذريعي وڌايو ويو. ان طريقي سان الزبٿ ۽ سندس ٽيم کي ستر مختلف جانورون جا ڊي اين اي حاصل ٿيا.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هوا ۾ ڊي اين اي جا ذرڙا حاصل ڪرڻ جو طريقو ايجان ٿيڻ سان جنگلي جيوت جو وڌيڪ بهتر طريقي سان مطالعو ڪري سگھبو، ۽ جانورن کي تنگ ڪرڻ کان سواءِ انهن جو ڊِي اين اي حاصل ڪري سگھبو.
سائسدانن جو اهو به چوڻ آهي ته ان طريقي سان ڏوهه جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي ۽ هوا ۾ موجود ڏوهارين جا ڊي اين اي حاصل ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔