محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ڪوئٽه ۾ ٿيندو

رپورٽ موجب مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين عبدالخبير آزاد ڪندو. صوبائي ۽ ضلعي رويت هلال ڪميٽين جا اجلاس پنهنجي پنهنجي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ٿيندا. ٻئي طرف پنجاب حڪومت 9 ۽ 10 محرم الحرام تي لاهور سميت وڏن شهرن ۾ موبائل فون سروس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب جي گهرو وزارت موجب موبائل فون سروس جي بند ٿيڻ جو اعلان ذوالجناح جي جلوسن وارن روڊن تي هوندو. صوبي جي وڌيڪ شهرن جي نالن جي لسٽ به طلب ڪئي وئي آهي. موبائل فون سروس ان هنڌن تي بند رکي ويندي جتي شهر جا حساس علائقا آهن لاهور ۾ يوم عاشور جي جلوس وارن روڊن ۽  ڀرپاسي ۾ موبائل فون سروس بند ڪئي ويندي.

ذريعن موجب لاهور جي ٻين علائقن ۾ موبائل سروس بحال رهندي. جڏهن ته ملتان، راولپنڊي، فيصل آباد، جهنگ، بهاولپور، رحيم يار خان، اٽڪ، ڊي جي خان سميت ڪيترن وڏن ضلعن ۾ موبائل فون سروس بند هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔