(ن) ليگ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور:  مسلم ليگ(ن) جي حڪومت دوائن جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان ٻارهين دفعا دوائن جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي ۽ عمران خان حياتي بچائيندڙ دوائون به وڌيڪ مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته ڪينسر کان بچاءُ جي دوا اڳ ئي غريب عوام کان ڦري وئي آهي هاڻ انسولين جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي ۽ عوام هاڻ بنيادي سهوليتن کان به محروم ٿي چڪو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته عوام دوائن جي وڌندڙ قيمتن سبب پريشان آهي ۽ عمران خان ڪمري ۾ ويهي اليڪٽرانڪ  ووٽنگ مشينن جو معائنو ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ(ن) حڪومت کان دوائن جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔