سنڌ ۾ ڪاروبار رات 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت

ڪراچي: سنڌ حڪومت سنڌ ۾ لاڪ ڊائون پابنڊين ۾ نرمي جي حوالي سان صوبائي ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

جنهن ۾ 31  آگسٽ تائين نوان حڪم نامه جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  ڪاروبار رات جو 8 وڳي تائين کليل رهندو. جڏهن ته جمعو ۽ آچر مڪمل ڪاروبار بند رهندو.

ان ڊور ڊائننگ تي پابندي برقرار رهندي ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ رات 10 وڳي تائين جي اجازت هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شادين جون تقريبون کليل جڳهن تي رات جو 10 وڳي تائين جي اجازت هوندي. جڏهن ته جم ۾ صرف ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت هوندي.

ٽرانسپورٽ تي لڳل پابندي پڻ هٽائي وئي آهي. ڪراٽي، باڪسنگ ۽ ڪٻٽي جهڙين راندين تي پابندي برقرار رهندي. جڏهن ته درگاهن تي حاضري ۽ ميڙاڪن تي مڪمل پابندي رهندي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔