آمريڪا جي پاڪستان لاءِ سفري پابندين ۾ نرمي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي بهتر قرار ڏيندي آمريڪا پاڪستان جي لاءِ سفري پابنديون نرم ڪري ڇڏيون.
آمريڪا جي پرڏيهي کاتي پاڪستان لاءِ پنهنجي نئين ٽريول ايڊوائيزري کي ”ليول فور“ مان ”ليول ٿري“ ڪري ڇڏيو آهي.
ليول فور جي تحت امريڪي شهرين کي پاڪستان جي غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
پرڏيهي کاتي موجب آمريڪي حڪومتي ۽ سفارتي عملي جي پاڪستان ۾ سفر بابت پابنديون قائم رهنديون.
ان حوالي سان پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اهو هڪ هاڪاري قدم آهي.
هن ٻڌايو ته آمريڪا طرفان پاڪستان جي حوالي سان سفري پابندين کي ليول ٿري تي منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪو صحيح رخ ڏانهن هڪ قدم آهي ۽ ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري ۽ حڪومت پاڪستان جي ڪورونا وبا کان خاطرخواهه قدمن جي به اعتراف ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔