صحتمند رهڻ لاءِ واحد خوراڪ ”فروٽن جو استعمال“ به ڪينسر جو سبب بڻجڻ لڳو

ڪراچي: موجوده دور ۾ مختلف شين جي مقدار کي وڌائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن سبب ڪيتريون ئي نيون نيون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، اڄڪلهه بيمارين کان بچڻ ۽ صحمند رهڻ لاءِ ماڻهو رڳو هڪ ئي رستي ”پرهيز“ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن.
جنهن جي ڪري تازين ڀاڄين ۽ تازين فروٽن جي استعمال سان ماڻهو پنهنجو پاڻ کي صحت لاءِ نقصانڪار کاڌن کان بچائڻ جون ڪوششون ڪندا رهن ٿا، پر هاڻي انهن جون اهڙيون ڪوششون انهن جي صحت لاءِ وڌيڪ نقصان ڏيڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
تازي هڪ تحقيق ۾ لڌو ويو آهي ته گهڻي مقدار ۾ فروٽن جو استعمال صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
مختلف يا اڪثر ڪچي فروٽن کي پچائڻ لاءِ ڪيلشم ڪاربائيڊ ڪيميڪل جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر هاڻي تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڪيلشم ڪاربائيڊ ڪيميڪل جي مدد سان تيار ٿيندڙ فروٽ ڪينسر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت فروٽن کي پچائيندڙ ڪيلشم ڪاربائيڊ نالي ڪيميڪل تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو ويو آهي ته ڪچن فروٽن کي هٿرادو طور پچائڻ وارو ڪيميڪل ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
فروٽن جهڙوڪ انب، الوبخارا، زردالو، ڪيلا، پپيتا، ٽماٽا ۽ آڙو کي پچائڻ لاءِ ان ڪيميڪل جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
سنڌ فوڊ اٿارٽي طرفان ان حوالي سان باقاعده طور هڪ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي ۽ فروٽن جي واپارين لاءِ عام اطلاع جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهڙي ڪيميڪل جي استعمال کان روڪيو ويو آهي.
فروٽ پچائڻ لاءِ جيڪو ڪيميڪل استعمال ڪيو ويندو آهي ان مان خارج ٿيندڙ ايسٽيلين فروٽ پچڻ واري عمل کي تيز ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن دوران اها گئس فروٽن ۾ به شامل ٿي ويندي آهي، جديد تحقيق ۾ ڳوليو ويو آهي ته اها ايسٽيلين حاضمي واري نظام کي تباهه ڪندي آهي ۽ ان سان گڏ جگر سميت ٻين بيمارين جو سبب به بڻبي آهي.
حڪومت واپارين کي هدايتون ڏنيون آهن ته فروٽن کي پچائڻ لاءِ ايٿلين مان ٺهيل رائيپيننگ ايجنٽ جو استعمال ڪيو وڃي، هدايتن تي عمل نه ڪندڙن خلاف فوڊ اٿارٽي قانوني ڪارروائي ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔