سلطنت عثمانيه تي ٺهيل ترڪ ڊرامي ڀارتي اداڪارا جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون

ممبئي: ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر به ٻين مداحن جيان ترڪي ڊرامن مان متاثر ٿي وئي آهي.
اداڪارا گذريل ڏينهن ٽوئٽر تي جاري پيغام ۾ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اردو زبان ۾ ”ميرا سلطان“ نالي سان هلندڙ ڊرامو ”مُهتسيم يوزيل“ ڏٺو آهي.
سوارا ڀاسڪر ڊرامي جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ ان جي مختصر ڪهاڻي ٻڌائيندي لکيو ته ڊرامي کي سلطنت عثمانيا جي پسمنظر ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي ڪهاڻي سلطنت جي امير جي ملڪا جي بي مثال محبت جي چوڌاري گهمي ٿي.
اداڪارا ڊرامو ڏهن سالن کانپوءِ ڏسڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ڊرامو ايترو سٺو آهي جو انکي ڏسڻ مهل خبر ئي ناهي پوندي ته وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي.
سوارا ڀاسڪر انڪشاف ڪيو ته مان اهو ڊرامو سڄي سڄي رات ڏسندي آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔