فيسبڪ جون پرائيويسي سيٽنگز هڪ ڀيرو وري تبديل

سوشل ميڊيا سائيٽ فيسبڪ پرائيويسي سيٽنگز کي هڪ ڀيرو وري تبديل ڪري ڇڏيو.
ڪمپني موجب سيٽنگز کي هاڻ 6 ميجر ڪيٽيگريز جي گروپ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هر گروپ ۾ لاڳاپيل سيٽنگز هونديون.
اهي گروپ پريفرنس، پرميشنز، اڪائونٽس، يوئر انفارميشن، ڪميونٽي اسٽينڊرڊ اينڊ ليگل پاليسيز سيڪشن ۽ آڊيئنس اينڊ وزبلٽي تي ٻڌل هونديون.
فيسبڪ پرائيويسي ري ڊزائين ڪرڻ جي ڪمپني جي دعويٰ جو اهو ئي مقصد آهي ته واهپيدار سولائي سان پهچ حاصل ڪري سگھي.
جيڪڏهن اوهان پنهنجي پرائيويسي سيٽنگز کي ٻيهر اپ ڊيٽ ڪرڻ چاهيندا ته هاڻ اوهان کي سڀني ڪيٽيگريز ۽ ان جي سب ڪيٽيگريز ۾ هڪ هڪ ڪري وڃڻو پوندو.
واضح رهي ته ڄاڻايل سيٽنگز ايپ جي اينڊرائيڊ، موبائل ويب، آءِ او ايس ۽ فيسبڪ لائيٽ ايپس ۾ متعارف ڪرايو ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔