ڀارتي اداڪاره نشرت ڀروچا شوٽنگ دوران بيهوش، اسپتال منتقل

ممبئي ڀارتي اداڪاره نشرت ڀروچا فلم جي شوٽنگ دوران بلڊ پريشر گهٽ ٿيڻ سبب بيهوش ٿي وئي جنهن کان پوءِ هن کي ممبئي جي هندوجا اسپتال آندو ويو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪاره هن وقت هدايتڪار لورنجن جي فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.رپورٽ موجب اداڪاره جي گذريل ڪجهه ڏينهن کان طبيعت خراب آهي ۽ ان حوالي سان هن چيو ته مان ڪجهه ڏينهن کان پاڻ کي ڪافي ڪمزور محسوس ڪري رهي آهيان. اداڪاره چيو ته مون سوچيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندس پر ائين نه ٿيو. سيٽ تي مون کي اڄ چڪر اچڻ شروع ٿي ويا جنهن سبب مان ڪري پيس.نشرت ڀروچا ٻڌايو ته اسپتال وڃڻ کان پوءِ مون کي وهيل چيئر ذريعي ڪمري تائين پهچايو ويو. ڊاڪٽرن طبي امداد کان پوءِ اداڪاره کي 15 ڏينهن جي مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔