ٽوڪيو اولمپڪس مان پاڪستاني رانديگرن جو سفر پورو، ارشد نديم فائنل ۾ هارائي ويو

ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿُرو جا فائلن مقابلا ٿي گذريا.
جيولين ٿرو ۾ فائنل مقابلن ۾ پاڪستان جي طرفان ميڊل کٽڻ جي آخري اميد ارشد نديم به هارائي ويو.
ٽوڪيو اولمپڪس جي جيولين ٿرو جي فائنل مقابلي جي پهرين مرحلي ۾ 12 ايٿليٽ شامل هئا. جن مان ٻئي رائونڊ جي لاءِ ٽاپ 8 ڪامياب ٿيا، جن مان ارشد 84.62 جي اسڪور سان چوٿين نمبر تي هو.
ميڊل رائونڊ ۾ ٽاپ ٿري رانديگريرن کي گولڊ، سلور ۽ برانز ميڊل جو حقدار قرار ڏيڻو هو ۽ ان رائونڊ ۾ ارشد نديم متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب ميڊل واري مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو.
ٻئي نمبر تي ارشد نديم پنجين نمبر تي رهيو، ڀارت جي نيرج چوپڙا مقابلي ۾ گولڊ، جمهوريه چيڪ جي جيڪب واڊ ليچ سلور ۽ جمهوريه چيڪ جي ئي ڪي ويتي سلاف ويسلي برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.
حيران ڪندڙ طور پهريون نمبر واري عالمي جرمن رانديگر جولين ويبر به ميڊل جي مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو ۽ سندس پوزيشن چوٿين رهي.
اهڙي ريت ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستان جو پورو ٿيو ۽ ان جا 10 ايٿليٽس ڪو به ميڊل پنهنجي نالي نه ڪري سگهيا.
پهرين مرحلي ۾ سموري 12 ايٿليٽس 3،3 ڀيرا نيزا اڇلايا جنهن کانپوءِ آخري چار ايٿليٽس ميڊل مقابلي مان ٻاهر ٿيا پوءِ ٽاپ 8 مان وڌيڪ 3،3 ڀيرا مقابلو ٿيو جنهن ۾ ارشد نديم پنجين نمبر تي رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔