عثمان بوزدار سان شاهه زين بگٽي جي ملاقات، سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان وزيراعظم جي صلاحڪار نوابزاده شاهه زين بگٽي ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي عثمان بزدار چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان گڏ آهن. پنجاب جي عوام بلوچستان لاءِ خير سگالي ۽ محبت جا جذبا رکي ٿي. ست گره ۽ اوڪاڙه ۾ ميرچاڪر اعظم رند جي مقبري جي بحالي بلوچ ڀائرن لاءِ خير سگالي جو خوبصورت پيغام آهي. مير چاڪر اعظم رند جي مقبري تي سياحن جي لاءِ اسٽيٽ آف دي آرٽ جون سهولتون ڏنيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔