18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جو بجيٽ پيش،پگھارن ۾ واڌ ۽ سليب ٽيڪس گهٽائي جو اعلان

اسلام آباد:  قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب 18 هزار 771 ارب روپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. پنهنجي تقرير ۾ وفاقي وزير خزانه چيو ته اتحادي پارٽين جو شڪرگذار آهيان، حڪومت جي ٽين بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي.وزير خزانه چيو ته ’بنيان مرصوص‘ ۾ ڪاميابي هڪ روشن باب آهي، گذريل سال ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، اڄ پوري دنيا پاڪستان جي دفاعي طاقت کي مڃي ٿي، ڪيترائي ملڪ اسان جا ويڙهاڪ طياره (فائيٽر جيٽس) پنهنجي فوج ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان وٽ هڪ مقدس ۽ ڳري ذميواري آهي، سعودي عرب سان ڀائيچاري جو رشتو دفاعي معاهدي سان وڌيڪ مضبوط ٿيو.

Screengrab

وفاقي وزير خزانه چيو ته هن مالي سال ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ (وڏي پيماني تي پيداوار) جي شريڪ واڌ (گروٿ ريٽ) 6.1 فيصد رهي، خدمتن جي شعبي (سروسز سيڪٽر) ۾ 4.1 فيصد واڌ سامهون آئي، اسان جي معيشت جو حجم 452 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي جيڪو هڪ نئون سنگ ميل آهي، جڏهن ته في ڪس آمدني (پر ڪيپيٽا انڪم) 1751 ڊالر مان وڌي 1901 ڊالر ٿي وئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ پاليسي ريٽ ۾ تاريخي گهٽتائي ٿي، مٽاسٽا جا ذخيرا (فارين ايڪسچينج ريزرو) ٽي سال اڳ 4 ارب ڊالر هئا جيڪي وڌي 17 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن، اهي ذخيرا ٽن مهينن جي درآمدات (امپورٽس) لاءِ ڪافي آهن. وزير خزانه موجب، پرڏيهي پئسا (ترسيلات زر/ريميٽنسز) گذريل مالي سال 38 ارب ڊالر هئا، هن مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ريميٽنسز جو حجم 38 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، ۽ سال جي پڄاڻي تائين اهي 41 ارب ڊالرن کان مٿي هليا ويندا. وزير خزانه چيو ته ملڪ جو دفاع حڪومت جي اهم ترجيح آهي، هن قومي فرض لاءِ 3 هزار ارب روپيا فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته سول انتظاميا جي خرچن لاءِ 1 هزار 71 ارب روپيا مختص ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير خزانه موجب، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 فيصد واڌ ڪئي پئي وڃي، ريٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 7 فيصد واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار ۾ 10 فيصد واڌ جي تجويز آهي. ايندڙ مالي سال بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) لاءِ 838 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، بي آءِ ايس پي لاءِ هي رقم گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 فيصد وڌيڪ آهي. وزير خزانه چيو ته جاري خرچن مان آزاد ڪشمير لاءِ 146 ارب روپيا، گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب روپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته ڪي پي ڪي (خيبر پختونخوا) جي ضم ٿيل ضلعن (فاٽا) لاءِ 95 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.محمد اورنگزيب چيو ته ايف بي آر جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي (ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جو تناسب) 10.3 فيصد تائين پهچي چڪو آهي، ٽن سالن ۾ ملڪي معيشت جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ 2 فيصد واڌ ٿي. مالي خسارو جون 2023ع ۾ جي ڊي پي جو 7.8 فيصد هو، جيڪو موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين 4 فيصد تائين اچي ويندو.

آمدني جي 4 سليبز جي پگهاردار ماڻهن کي ريليف ڏيڻ جي تجويز

22 کان 32 لک روپيا سالياني آمدني تي ٽيڪس جي شرح 20 فيصد ڪرڻ جي تجويز

32 کان 41 لک تائين آمدني تي ٽيڪس جي شرح 25 فيصد ڪرڻ جي تجويز

41 کان 56 لک روپيا سالياني پگهار تي انڪم ٽيڪس جي شرح 29 فيصد ڪرڻ جي تجويز

56 کان 70 لک روپيا سالياني پگهار تي انڪم ٽيڪس جي شرح 32 فيصد ڪرڻ جي تجويز

پگهاردار طبقي تي لڳل 9 فيصد سرچارج کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

وزير خزانه چيو ته 15 کان 50 ڪروڙ روپين تائين جي آمدني جي 6 سليبز تي لڳل سپر ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، 50 ڪروڙن کان وڌيڪ آمدني تي سپر ٽيڪس جي شرح 10 فيصد مان گهٽائي 8 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي، تنهن هوندي به بينڪن، تيل ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين ۽ فرٽيلائيزرز (ملڪي ڀاڻ ڪمپنين) تي سرچارج برقرار رهندو. محمد اورنگزيب چيو ته ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، هن سسٽم ۾ اهي دڪاندار اچي سگهن ٿا جن جي سالياني سيلز (فروخت) 20 ڪروڙ روپين کان گهٽ آهي. ننڍا دڪاندار پنهنجي سالياني سيلز جو 1 فيصد ٽيڪس ادا ڪندا، هن ٽيڪس ۾ دڪاندار پنهنجو ود هولڊنگ ٽيڪس ايڊجسٽ ڪرائي سگهندا. ننڍي دڪاندار کي گوشوارا (ٽيڪس ريٽرنز) جمع ڪرائڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا جمع ڪرائڻا پوندا، سندن روٽين ۾ ڪو آڊٽ نه ٿيندو، کين خريداري تي ود هولڊنگ جي ذميواري نه هوندي ۽ پي او ايس (POS) مشين رکڻ کان به ڇوٽ هوندي. بجيٽ ۾ ملڪيت جي منتقلي (پراپرٽي ٽرانسفر) تي لڳل ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي تجويز آهي؛ فائلرز لاءِ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 2.5 فيصد مان گهٽائي 1.25 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته نان فائلرز لاءِ ملڪيت جي وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 5.5 مان گهٽائي 2.75 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي. محمد اورنگزيب چيو ته اڪسپورٽ (برآمدات) تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي مد ۾ مجموعي طور تي 2 فيصد ٽيڪس آهي، جنهن کي گهٽائي 1.25 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس جي مد ۾ آهي. وزير خزانه موجب، ڪريڊٽ ۽ ڊيبٽ ڪارڊ جي ٻاهرين ملڪ استعمال تي ود هولڊنگ ٽيڪس 0.5 فيصد ڪرڻ، ۽ پرڏيهي اثاثا (فارين اسيٽس) رکڻ تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. هي ٽيڪس پرڏيهي اثاثا ظاهر ڪرڻ جي حوصلي شڪني جو سبب بڻجي رهيو هو. امپورٽ (درآمد) ڪيون ويندڙ گاڏين تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي (FED) لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 2 کان 3 هزار سي سي تائين جي ايس يو ويز (SUVs) تي به فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 3 هزار سي سي کان وڏين گاڏين تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 2 ڪروڙ روپين کان مهانگي اليڪٽرڪ گاڏي تي به فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز آهي. وزير خزانه چيو ته نئين آٽو پاليسي وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جي زير غور آهي، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل، رڪشائن ۽ بسن تي موجوده رعايتي نظام برقرار رهندو، درآمد ڪيل اليڪٽرڪ ٽرڪن تي 1 فيصد سيلز ٽيڪس جي سهولت جي تجويز آهي. محمد اورنگزيب چيو ته قومي ترقياتي پروگرام (PSDP) لاءِ 3 هزار 675 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ وفاق جو 1 هزار ارب روپيا ۽ صوبن جو ترقياتي پروگرام 2224 ارب روپيا آهي. وزير خزانه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رياستي ادارن (اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز) پاران سيڙپڪاري لاءِ 451 ارب روپيا شامل آهن، وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ آمد و رفت جي بنيادي ڍانچي (ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر) جي ترقي لاءِ 365 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن. وزير خزانه موجب، ڪراچي کي چمن سان جوڙيندڙ اين-25 (N-25) شاهراهه پاڪستان ايسڪپريس وي کي ٻه طرفو (ڊبل روڊ) ڪرڻ لاءِ 100 ارب روپيا، ۽ سکر-حيدرآباد موٽر وي تي 30 ارب روپين جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ايم ايل-1 (ML-1) جي ڪراچي کان روهڙي سيڪشن تي ڪم ايندڙ سال شروع ٿيندو، جنهن لاءِ 25 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن.وزير خزانه چيو ته صنعتي ترقي جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ بجلي جي فراهمي کي ترجيح ڏني وئي آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 8 پن بجلي (هائيڊرو پاور) منصوبن لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واپڊا ۽ نيشنل گرڊ ڪمپني پنهنجي انفرادي وسيلن مان 158 ارب روپين جي سيڙپڪاري ڪنديون.محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير ۾ چيو ته پاڪستان کي پاڻي جي سنگين چيلينجن جو سامھون آهي، جهڙوڪ اسٽوريج جي گهٽجندڙ صلاحيت؛ گذريل سال دريائن ۾ ٻوڏ اسان جي معيشت کي 822 ارب روپين جو نقصان رسايو. بجيٽ ۾ 43 آبي منصوبن لاءِ 103 ارب 10 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن.ديامر بهاشا ڊيم لاءِ 14 ارب، مہمند ڊيم لاءِ 22 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته داسو پن بجلي منصوبي لاءِ 15 ارب ۽ ڪراچي جي بلڪ واٽر سپلائي ’ڪي فور‘ (K-IV) منصوبي لاءِ 10 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن.وزير خزانه چيو ته 2035ع تائين اسان جي ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي شهرن ۾ رهندي، شهري مرڪز (اربن سينٽرز) اسان جي معيشت جو 55 فيصد حصو آهن. بجيٽ ۾ پائيدار شهري ترقي ۽ هائوسنگ شعبي لاءِ 54 ارب 60 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن، هن رقم مان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي 1 لک 50 هزار سستا رهائشي يونٽ (گھر) تعمير ڪيا ويندا، جڏهن ته 10 وڏن شهرن لاءِ ڊيجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪيا ويندا.محمد اورنگزيب چيو ته صنعتي ترقي ۽ برآمدي مقابلي (ايڪسپورٽ ڪمپيٽيٽيونس) جي رفتار وڌائڻ لاءِ بجيٽ ۾ 6 ارب 60 ڪروڙ روپيا مختص ڪيا ويا آهن.وزير خزانه چيو ته ڪراچي، لاهور ۽ سيالڪوٽ ۾ صنعتي ڊيزائننگ جا آٽوميشن مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن.محمد اورنگزيب چيو ته عوامي صحت جي سار سنڀال اسان جي اهم قومي ذميواري آهي، ترقياتي بجيٽ ۾ صحت جي منصوبن لاءِ 25 ارب 10 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج جي سهولتن کي وسيع ڪرڻ به شامل آهي.بجيٽ ۾ اعليٰ تعليم (هائير ايجوڪيشن) لاءِ به 46 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن.بجيٽ ۾ سينيٽري پيڊز ۽ عورتن جي صحت سان لاڳاپيل شين تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته مانع حمل شين (ڪنٽراسيپٽوز) تي لڳل ٽيڪس به ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. وزير خزانه چيو ته آءِ ٽي (IT) برآمدات جي آمدني تي 0.25 فيصد ايف ٽي آر (FTR) جي رعايت وڌيڪ 3 سالن تائين جاري رکڻ جي تجويز آهي. بجيٽ تقرير موجب، وفاقي نان ٽيڪس ريونيو جو هدف 5 هزار 336 ارب روپيا هوندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11 هزار 751 ارب روپيا هوندي. بجيٽ تقرير موجب، وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 18هزار 771 ارب روپيا آهي، 8 هزار 54 ارب روپيا سود جي ادائيگي (ڊيٽ سروسنگ) لاءِ مختص هوندا، پي ايس ڊي پي (PSDP) لاءِ 1 هزار ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي جاري خرچن (ڪرنٽ ايسڪپينڊيچر) جو ڪاٿو 17 هزار 495 ارب روپيا آهي. بجيٽ دستاويز موجب، پينشن تي مجموعي طور تي 1169 ارب روپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي، جنهن ۾ ملٽري پينشن تي 822 ارب روپيا جڏهن ته سول پينشن تي 272 ارب روپيا خرچ ٿيڻ جو ڪاٿو آهي. دفاع لاءِ 3 هزار ارب روپيا مختص ڪرڻ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته سبسڊي جي مد ۾ 1091 ارب روپيا مختص ڪرڻ جو ڪاٿو آهي. بجيٽ دستاويز موجب، سول حڪومت جي خرچن جو ڪاٿو 1071 ارب روپيا آهي، جڏهن ته هنگامي صورتحال (ايمرجنسي) کي منهن ڏيڻ لاءِ 430 ارب روپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. مجموعي طور تي جاري خرچ 17 هزار 495 ارب روپيا مختص ڪرڻ جو ڪاٿو آهي. بجيٽ دستاويز موجب، وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حجم 1050 ارب هوندو، جڏهن ته ايف بي آر (FBR) جي ٽيڪس وصولي جو هدف 15 هزار 264 ارب روپيا رهڻ جو ڪاٿو آهي.

حڪومت جو امپورٽ (درآمد) ڪيون ويندڙ گاڏين تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لڳائڻ جو فيصلو

حڪومت امپورٽ (درآمد) ڪيون ويندڙ گاڏين تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي (FED) لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزير خزانه محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير دوران ٻڌايو ته 2 کان 3 هزار سي سي تائين جي ايس يو ويز (SUVs) تي به فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي. وزير خزانه ٻڌايو ته 3 هزار سي سي کان وڏين گاڏين تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، 2 ڪروڙ روپين کان مهانگي اليڪٽرڪ گاڏي تي به فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته نئين آٽو پاليسي وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جي زير غور آهي. وزير خزانه موجب، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل، رڪشائن ۽ بسن تي موجوده رعايتي نظام برقرار رهندو، جڏهن ته درآمد ڪيل اليڪٽرڪ ٽرڪن تي 1 فيصد سيلز ٽيڪس جي سهولت جي تجويز آهي. وزير خزانه بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته ٻاهرين ملڪ بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ تي فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي.

فائلرز لاءِ ملڪيت (جائيداد) جي خريد و فروخت تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي

حڪومت فائلرز لاءِ ملڪيت (جائيداد) جي خريداري ۽ وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. بجيٽ تقرير موجب، فائلرز لاءِ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 2.5 فيصد مان گهٽائي 1.25 فيصد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائلرز لاءِ ملڪيت جي وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس 5.5 مان گهٽائي 2.75 فيصد ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جاري آهي، جتي وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب 18 هزار ارب روپين کان وڌيڪ جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي.

حڪومت پاران پگهاردار طبقي جي 4 سليبز تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ سرچارج ختم ڪرڻ جو اعلان

وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت سرڪاري ۽ نجي (پرائيويٽ) پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن کان آگاهه آهي.وزير خزانه چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي هدايت تي اڄ مونکي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي حڪومت آمدني جي چئن سليبز (slabs) جي پگهاردار ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير خزانه چيو ته ان سلسلي ۾ جيڪي پگهاردار ٻاويهه (22) کان ٻه ٽيهه (32) لک روپين جي وچ ۾ سالياني ڪمائين ٿا، سندن ٽيڪس جي شرح ٽيهه (23) فيصد مان گهٽائي ويهه (20) فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي، ٻه ٽيهه (32) کان هڪتاليهه (41) لک روپين جي وچ ۾ آمدني وارن پگهاردارن لاءِ ٽيڪس جي شرح 30 فيصد مان گهٽائي 25 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي. وزير خزانه بجيٽ تقرير ۾ چيو ته هڪتاليهه (41) کان ڇپنهه (56) لک روپيا آمدني وارن لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح 35 فيصد مان گهٽائي 29 فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي، اهڙي طرح ڇپنهه (56) لک مان ستر (70) لک روپين تائين پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 35 فيصد مان گهٽائي ٻه ٽيهه (32) فيصد ڪرڻ جي تجويز آهي.

تبصرے بند ہیں۔