سموري ملڪ ۾ ايل پي جي مافيا بي لغام، سرڪاري اگهه کان 200 روپيه في ڪلو وڌيڪ قيمت تي وڪرو جاري

لاهور: سموري ملڪ ۾  ايل پي جي مافيا بي لغام ٿي ويو آهي، گيس سرڪاري قيمتن کان تقريبن 200 روپيه في ڪلو وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ڪئي پئي وڃي.

چيئرمين ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسيئيشن عرفان کوکر موجب اوگرا ايل پي جي جي سرڪاري قيمت 309 روپيه في ڪلو مقرر ڪري رکي آهي جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ڪجهه هنڌن تي ايل پي جي 500 روپيه في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي. هن الزام لڳايو ته اوگرا ۽ ٻيا لاڳاپيل حڪومتي ادارا سرڪاري قيمتن تي ايل پي جي جي وڪرو کي يقيني بنائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.

عرفان کوکر جو چوڻ هو ته وڌيڪ قيمتن سبب روزاني عوام جي کيسن مان اربين روپيه ڪڍرايا پيا وڃن. صارفين مهانگي ايل پي جي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هن مطالبو ڪيو ته لاڳاپيل ادارا فوري ڪارروائي ڪندي سرڪاري قيمتن تي ايل پي جي جي فراهمي يقيني بنائين ۽ ذخيره اندوزي ۽ منافع  خوري ۾ ملوث عناصرن جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن.

 

تبصرے بند ہیں۔