گڏيل قومن جو ڪشمير بابت موقف تي ڄمي بيهڻ سٺو سنئوڻ آهي: پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان گڏيل قومن طرفان والاريل ڪشمير بابت پنهنجي موقف تي برقرار رهڻ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي بيان کي ڀليڪار ڪندي چيو ته گڏيل قومن جو ڪشمير بابت موقف واضح آهي جيڪو تبديل ناهي ٿيو. پرڏيهي ترجمان موجب گڏيل قومن جو بيان 5 آگسٽ واري ڀارتي قدمن کي 2 سال پورو ٿيڻ کانپوءِ آيو آهي ۽ ڀارت جي موقف ته ڪشمير انهن جو حصو آهي کي رد ڪري ٿو. زاهد حفيظ پاڪستان جو هڪ ڀيرو ٻيهر موقف ورجايو ته جمون ۽ ڪشمير نه ڪڏهن ڀارت جو حصو هيو ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو. ڪشميرين جي عزم اڳيان آخر ڀارت کي جهڪڻو ئي پوندو. سندس چوڻ هو ته والاريل جمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي هڪ قبول ڪيل تڪراري حصو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ايجنڊي تي وڏي عرصي کان منجهيل مسئلو حل ٿيڻ گهرجي ۽ ڀارت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔