بلوچستان: بارکان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن، سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار شهيد، 7 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:  بلوچستان جي ضلعي بارکهان ۾ فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 7 دهشتگرد به مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي دستن ضلعي بارکهان جي علائقي نوشم ۾ ڪليئرنس آپريشڻ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنته الهندستان جا 7 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن جي دوران شديد چڪرين ۾ پاڪ فوج جو فيلڊ آفيسر ملڪ جا 5 بهادر جوان شهيد ٿيا، شهيدن ۾ ميجر توصيف احمد ڀٽي به شامل آهي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ آيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ڀارتي سرپرستي يافته فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪيو ويو، آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي گروپ جو پتو لڳائي موثر ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پرڏيهي سرپرستي يافته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڀرپور ڪارروايون جاري رکيون وينديون.

 

 

 

تبصرے بند ہیں۔