گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ سستي گهرن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ سستي گهرن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي.

هائوسنگ جي شعبي ۾ اصلاحات جي حوالي سان جائزه اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن ۾ هن چيو ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي  هائوسنگ جي شعبي ۾ اصلاحات وقت جي اهم ضرورت آهي.

وزيراعظم چيو ته گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ رهائش جي فراهمي، سستي گهرن جا منصوبا، نجي شعبي جي حوصله افزائي ۽ عوامي سهولتن جي بهتري حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آهن. هن چيو ته وڌندڙ آبادي  سبب زرعي زمين تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ مناسب حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي.

شهباز شريف هدايت ڪئي ته هائوسنگ جي شعبي ۾ سمورن معاملن کي ڊيجيٽائز ۽ آٽوميٽ ڪيو وڃي ته جيئن شفافيت کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته هائوسنگ سيڪٽر ۾ پرڏيهي سرمائيڪارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ انهي شعبي کي ضابطه ڪار جي تحت آڻڻ ضروري آهي.

اجلاس کي هائوسنگ سيڪٽر ۾ اصلاحات جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ شفافيت آڻڻ جي لاءِ معتبر سرمائيڪارن ۽ ڊوالپرز کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ريگوليٽري فريم ورڪ کي بهتر بنايو ويندو. انهي کان علاوه هائوسنگ ۽ ڊوالپمينٽ سيڪٽر ۾ ڪندڙن جي لاءِ ايس اي سي پي ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي.

بريفنگ ۾ شهرين جي بي ترتيب پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ، وڏن شهرن ۾ ڊگهين عمارتن ۽ ورٽيڪل ايڪسپينشن جي حوصله افزائي ڪرڻ ۽ وڏن شهرن جي لاءِ ماسٽر ٽائون پلاننگ متعارف ڪرائڻ جي به تجويز غور هيٺ آئي. وزيراعظم اهڙين تجويزن جي حوالي سان صوبن سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاقي وزير اقتصادي معاملا احمد خان چيمه، وفاقي وزير هائوسنگ اينڊ ورڪس ميان رياض حسين پيرزاده، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو بين الصوبائي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُالله، مملڪتي وزير طلال چوڌري، ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير اظهر ڪياني، چيئرمين نيب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد بٽ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔