پاڪ فوج مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي:  پاڪ فوج جي آرمي راڪٽ فورس ڪمانڊ مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪري ورتو آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جديد ايويانڪس ۽ جديد ٽرين نيويگيشنل نظام سان ليس اهو ميزائل سسٽم ڊگهي فاصلي تائين حدف کي انتهائي درستگي سان نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انهي تربيتي تجربي جو مقصد فوجي دستن جي آپريشنل استعداد ۾ اضافو ۽ بهتر درستگي، بقا جي صلاحيت جي لاءِ شامل مختلف ذيلي نظامن جي ٽيڪنيڪي رخن جي جاچ ڪرڻ هو.

ترجمان موجب انهي تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي سينئر آفيسرن کان علاوه ميزائل تيار ڪندڙ اداري جي سائنسدانن ۽ انجنيئر به ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف، سي ڊي ايف، سربراهه پاڪ بحريه ۽ سربراهه پاڪ فضائيه فتح-4  جي ڪامياب تجربي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هنن فتح سيريز جي ميزائل پروگرام ۾ حصو وٺندڙ سمورن ماڻهن جي فني مهارت، محنت ۽ ارادن جي به تعريف ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔