سنڌ کي ”سنڌو ديش“ بڻجڻ نه ڏينداسين: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پ پ جي زيادتين خلاف 10 محرم الحرام کانپوءِ روڊن تي نڪرنداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ پنهنجي سياسي ڪارڪنن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو، سڀاڻي وڏي وزير جو مدو ختم ٿيو ته به چونڊن جي ڪهڙي ضرورت؟ پ پ ڪراچي مان ووٽ ذريعي ڪڏهن نٿي کٽي سگهي، تنهن ڪري غير قانوني طور چونڊيل عهدن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته پ پ ڪراچي کي سنڌو ديش بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌو ديش جو نعرو هڻندڙ ته ويچارا بيوقوف آهن، اصل سنڌو ديش ته پ پ قائم ڪيو آهي، اسان سنڌ کي سنڌو ديش بڻجڻ نه ڏينداسين، 10 محرم الحرام کانپوءِ پ پ جي ظلمن خلاف روڊن تي نڪرنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔