سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 2 جج رٽائر ٿي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 2 جج جسٽس نذر اڪبر ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي رٽائر ٿي ويا. جسٽس نذر اڪبر 31 آگسٽ 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو هو، جڏهن ته جسٽس فهيم صديقي 30 نومبر 2016 ۾ عدالت عاليا ۾ جج طور مقرر ٿيو.انهن ٻنهي ججن جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هاڻ 32 جج رهجي ويا آهن ۽ عدالت عاليا ۾ هاڻ به 8 ججن جون جايون خالي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔