واشنگٽن : آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي وئي آهي، ايران آبنائي هرمز ۾ تمام سٺو قدم کڻي رهيو آهي.صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبنائي هرمز مڪمل طور تي کلي وئي آهي.ٽرمپ گڏوگڏ اها ڌمڪي به ڏني ته جيڪڏهن ايران معاهدي جي پاسداري نه ڪئي ته جيڪو ڪرڻ ضروري ٿيو اهو ڪندس. جيستائين ايران اسان جو احترام ڪندو رهندو، اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڏکيائي يا تڪرار پيدا نه ٿيندو.صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته سڀڄاڻن ٿا ته ايران وڏي پيماني تي هٿيارن جي معائنن تي راضي ٿي ويندو، ايران مستقبل ۾ ڊگهي عرصي تائين جوهري (نيوڪليئر) شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ راضي ٿيندو.
سوئٽزرلينڊ ڳالهيون، 12 ارب ڊالرن جي روڪيل رقم جاري ڪرڻ لاءِ صحيحن کي حتمي شڪل ڏني وئي: ايران
ايراني مذاڪراتي ٽيم جو سربراهه محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي آبنائي هرمز جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ عمان پهچي ويا.ايراني پارليمينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته سوئٽزرلينڊ مذاڪرات ۾ 12 ارب ڊالرن جي منجمد اثاثن کي جاري ڪرڻ لاءِ صحيحن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.اسپيڪر محمد باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ تي رابطي جو نظام قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، هن قدم جو مقصد ڪنهن به قسم جي ٽڪراءُ يا ڇڪتاڻ کان بچڻ آهي.ايراني مذاڪرات ڪار چيو ته سوئٽزرلينڊ مذاڪرات جي بنياد تي لبناني جي علائقائي سالميت ۽ خودمختاري جي ضمانت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي طريقيڪار موجب بين الاقوامي جوهري توانائي ايسوسيئيشن (IAEA) سان سهڪار جاري رکندو، فيصلا مشاورتي اسمبلي ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل موجب ٿيندا.ان کان اڳ سوئٽزرلينڊ ۾ ايران آمريڪا مذاڪرات کانپوءِ قطر ۽ پاڪستان پاران گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ٻڌايو هو ته ايران لاءِ تيل ۽ پيٽروڪيميڪل جي برآمدات تي پابنديون ختم ڪيون ويون آهن.عباس عراقچي ٻڌايو ته ناڪابندي هٽائي وئي آهي ۽ ڪجهه منجمد اثاثا جاري ڪيا ويا آهن.
اسان هڪ تبديل ٿيل ۽ مختلف وچ اوڀر جو بنياد رکيو آهي، هاڻي ان تي ڪم جاري رکڻو پوندو: آمريڪي نائب صدر
آمريڪي نائب صدر جئي ڊي وينس سوئٽزرلينڊ مان واپس آمريڪا روانو ٿي ويو.آمريڪا روانگي کان اڳ ائيرپورٽ تي نائب صدر جئي ڊي وينس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ گذاريل 36 ڪلاڪ تمام گهڻا نتيجا ڏيندڙ رهيا، اسان هڪ تبديل ٿيل ۽ مختلف وچين اوڀر جو بنياد رکيو آهي، هاڻي ان تي ڪم جاري رکڻو پوندو.آمريڪي نائب صدر چيو ته اسان اهڙو طريقيڪار قائم ڪري ورتو آهي جنهن سان آبنائي هرمز کليل رهندي، هاڻي ٻارڻ (فيول) جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون رهنديون، علائقائي جنگ بندي يقيني بڻائڻ لاءِ به مناسب نظام قائم ڪيو ويو آهي.جئي ڊي وينس جو چوڻ هو ته جنگ بندي برقرار رکڻ لاءِ اسان اتحادين، اسرائيلين، خليجي ملڪن، سڀني سان ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهيون. ايران گهڻي عرصي کانپوءِ هٿيارن ۽ جوهري پروگرام جي انسپيڪٽرن (معائنو ڪندڙن) کي اچڻ جي اجازت ڏني آهي، انسپيڪٽرن کي داخلا جي اجازت ڏيڻ وڏي ڳالهه آهي پر اسان کي ڏسڻو آهي ته معائنو ڪرايو وڃي ٿو يا نه.هن چيو ته اسان يقيني بڻائينداسين ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪري سگهي، ايران سان ٽيڪنيڪل مذاڪرات ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي رهي آهي.
تبصرے بند ہیں۔