سنڌ حڪومت 9 ۽ 10 محرم تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت يوم عاشور جي موقعي تي 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سروسز کاتي، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن جي نوٽيفڪيشن موجب 25 ۽ 26  جون(خميس ۽ جمعي) تي سموري صوبي ۾ سرڪاري موڪل هوندي انهي دوران سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلدياتي ڪونسلز، خودمختار ادارا ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون به ٻن ڏينهن تائين بند رهنديون. ياد رهي ته محرم الحرام جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

پنجاب حڪومت محرم الحرام جي دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي سموري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

سموري پنجاب ۾ 26 جون تائين قلم 144 لاڳو آهي، عوامي هنڌن تي  هر قسم جي هٿيارن ۽ باهه واري مواد جي نمائش تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماتمي جلوسن جي رسن تي موجود گهرن يا ٻين عمارتن جي ڇتن تي مورچن جي تعمير تي به پابندي هوندي.

 

تبصرے بند ہیں۔