تعليم واري وزير پاران ليڊي ٽيچر کي مبينا هراسان ڪرڻ جو نوٽيس، جاچ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ليڊي ٽيچر کي مبينا هراسان ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر حيدرآباد کي مامري جي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي، صوبائي وزير ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته مامري جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سيد سردار شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن هي واقعو سچ ثابت ٿيو ته اهڙي طرح جي رڍن جي اسان جي کاتي ۾ ڪا به ضرورت نه آهي، مان اهڙي طرح عورت دشمن روين، يا روايتي ذهني پستي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔