مبشر کوکر قتل: قاتل تقريب ۾ ڪيئن پهتو، پوسٽ مارٽم مڪمل، اهم انڪشاف

ڪراچي : پنجاب جي نامزد صوبائي وزير اسد کوکر جي ڀاءُ کي قتل ڪندڙ گرفتار جوابدار اهم انڪشاف ڪيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ناظم شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته هو شادي جي تقريب ۾ سوا 8 وڳي آيو۽ سيڪيورٽي وارن چيڪ ئي نه ڪيو، تقريب ۾ مهمانن سان وڃي گڏ ويهي رهيس، هن ٻڌايو ته اسد کوکر ۽ ان جو ڀائءُ مدثر ٻه ڀيرا هن وٽان گذريا، پنجاب جو وڏو وزير جڏهن واپس وڃڻ لڳو ته ٽئين ڀائر ساڻس گڏ هئا ۽ مان هنن جي پٺيان ٻاهر نڪري آيس، وڏو وزير گاڏي ۾ ويٺو ته اڳتي وڌي مبشر تي فائرنگ ڪئي، جنهن پستول سان فائرنگ ڪئي اهو لائسنس وارو آهي ۽ 40 هزار روپين ۾ خريد ڪيو هو، پوليس موجب جوابدار پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته مبشر کوکر هن ڀاءُ ۽ چاچي جي قتل ۾ ملوث هو، جڏهن ته جوابدار منشا جي قتل ۾ ڪيس ۾ 8 سال جيل ڪاٽي آيو آهي، هن قتل جو منصوبو هن پاڻ ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مقتول مبشر کوکر جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ موجب مبشر کي کور جي کاٻي اک ۾ گولي ويجهي کان ماري وئي جيڪا آر پار ٿي وئي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نامزد وزير اسد کوکر جي پٽ جي وليمي واري تقريب ۾ وزيراعليٰ عثمان بوزدار جي موجودگي ۾ هي واقعو پيش آيو جنهن ۾ مبشر کوکر کي قتل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔