پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ پنجانوي مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر وڌيڪ پنجانوي مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 23 هزار 795 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 10 لک 63 هزار 125 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 720 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 3 لک 62 هزار 557، سنڌ ۾ 3 لک 96 هزار 918، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 47 هزار 452، بلوچستان ۾ 31 هزار 69، گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 615، اسلام آباد ۾ 90 هزار 93 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 26 هزار 421 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 63 لک 93 هزار 404 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 57 هزار 233 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 9 لک 59 هزار 491 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 4 هزار 275 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران  95 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 23 هزار 797 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 11 هزار 172، سنڌ ۾ 6 هزار 168، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 524، اسلام آباد ۾ 811، بلوچستان ۾ 331، گلگت بلتستان ۾ 150 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 641 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔