نيپرا بجلي اگهن ۾ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي اگهن ۾ 19 پئسا في يونٽ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها گهٽتائي جون جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي ويندي، جيڪا رڳو آگسٽ جي بلن تي لاڳو ٿيندي.
نوٽيفڪيشن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي 80 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي نيپرا اٿارٽي 28 جولاءِ 2021 تي عوامي ٻڌڻي ڪئي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ 300 تائين يونٽ استعمال ڪندڙ لائف لائن، زرعي ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔