انسانن جهڙن ڏندن واري مڇيءَ دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو

دنيا ۾ عجيب ۽ انوکيون شيون سامهون اينديون رهنديون آهن، جن کي ڏسي انسان دنگ رهجي ويندو آهي.
جهان ۾ اهڙا ڪيترائي جاندار هوندا، جن کي ڏسي ماڻهو تعجب جو اظهار ڪندا آهن ۽ اڄڪلهه جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا ذريعي به انسان کي اهڙيون ئي ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ لاءِ ملنديون آهن.
اهڙي ئي هڪ مڇيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن جا ڏند صفا انسانن جهڙا آهن.
ان مڇيءَ کي آمريڪي رياست نارٿ ڪيرولينا جي علائقي ناگس هيڊ ۾ پڪڙيو ويو هو، جنهن جي ڏندن سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي دنگ ڪري ڇڏيو ۽ ان جي تصوير 3 آگسٽ تي شيئر ڪئي وئي هئي.
توهان کي اهو ٻڌائيندا هلون ته اها ڪا فوٽو شاپ تصوير نه پر حقيقي مڇي آهي ۽ ان نسل جي مڇي غير معمولي نه پر گهڻي عام آهي.
شيپ هيڊ نالي مڇي ان آمريڪي رياست ۾ گهڻي عام هوندي آهي ۽ ان کي ناٿن مارٽن شڪار دوران پڪڙيو هو ۽ هڪ فيس بُڪ پيج تي ان کي شيئر ڪيو، جنهن تي ماڻهو دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔