اسرائيل، ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

تل ابيب: اسرائيل عمان جي سمنڊ مان تيل کڻي ويندڙ بحري جهاز تي حملي کانپوءِ ايران تي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
غيرملڪي ميڊيا موجب اسرائيل جي دفاع واري وزير بيني گينٽر ايران کي خبردار ڪندي چيو ته اسرائيل ايران تي حملي لاءِ تيار آهي.
اسرائيل جي دفاعي وزير جو اهو بيان عمان جي سمنڊ ۾ اسرائيل جي آئل ٽينڪر تي ڊرون حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ برطانوي ۽ هڪ رومانوي شهري مارجي ويا هئا.
آمريڪا ۽ برطانيا اڳ ۾ ئي ان حملي جو الزام ايران تي هڻي چڪا آهن، تنهن هوندي به ايران طرفان ان حملي جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ اسرائيل جي دفاع واري وزير کان سوال ڪيو ويو ته آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ ڇا اسرائيل ايران تي حملي جي لاءِ تيار آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ دفاع واري وزير ”ها“ چيو.
ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي وزارت اسرائيل جي اهڙي ڌمڪي کي عالمي قانونن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔