آءِ فون جو ٻارن جي تحفظ لاءِ نئون سيڪيورٽي فيچر متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايپل ٻارن جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرايا آهن جنهن تحت فون تي اڻ وڻندڙ تصويرون موڪلڻ يا اچڻ تي ٻار جي والدين کي اطلاع ڏنو ويندو.
نئين فيچر تحت ڪنهن به آءِ فون ۾ ٻار اڻ وڻندڙ تصوير هجڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين کي به آٽوميٽڪ طريقي سان آگاهه ڪيو ويندو. آءِ فون جا نوان سيفٽي ٽولز متعارف ڪرايا ويا آهن. اهي فيچرز فحش يا اڻ وڻندڙ موڪليندڙ يا وصول ڪندڙ ٻارن جي نگراني ۽ انهن کي جنسي استحصال کان بچائڻ لاءِ متعارف ڪيا ويا آهن.
ان نئين فيچر تحت اڻ وڻندڙ تصوير موڪلڻ يا وصول ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين کي به آٽوميٽڪ طريقي سان آگاهه ڪيو ويندو.
ايپل جو چوڻ آهي ته ٻار جيڪڏهن تصوير موڪليندا يا وصول ڪندا آحن ته ان صورت ۾ آءِ فون والدين کي وارننگ موڪليندو.
ان نئين فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو بنيادي مقصد ٻارن جي جنسي استحصال بابت مواد کي پکيڙ کي روڪڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔