آئمه بيگ جو وزن ڪيئن گهٽ ٿيو؟ گلوڪارا جو وڏو انڪشاف

ڪراچي : مقبول گلوڪارا آئمه بيگ جيتوڻيڪ پنهنجي فٽنيس ۽ خوبصورتيءَ سبب به ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿي پر توهان کي يقين نه ايندو ته 16 ورهين جي عمر ۾ ان جو وزن 75 ڪلو هو.
جي ها! آئمه بيگ رڳو 16 ورهين جي عمر ۾ 75 ڪلو وزن رکندڙ هئي، اهڙو انڪشاف هن پاڻ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڪيو.
ميزبان طرفان هڪ سوال جي جواب ۾ گلوڪارا چيو توهان کي يقين نه ايندو پر منهنجو وزن 75 ڪلو هو، ان وقت مان رڳو 16 ورهين جي هيس، ڪاليج ۾ ڇوڪريون ان عمر ۾ وڏيون فٽ لڳنديون آهن، تنهن ڪري مون کي لڳي رهيو هو ته مان جيڪو لباس پائيندي آهيان، ٻيون ڇوڪريون اهو نه ٿيون پائي سگهن.
وزن گهٽ ڪرڻ جي سوال تي هن چيو ته مان وڏي ڏکيائي سان وزن گهٽ ڪيو، ائين نه چوڻ گهرجي پر مون کي ڊينگي ٿي ويو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر ڪڏهن به وزن نه وڌيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔