موڊرنا ويڪسين جي حوالي سان اين سي او سي جو نئون هدايت نامو

اسلام آباد : نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا خلاف مدافعتي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ آڪسفورڊ جي موڊرنا ويڪسين بابت نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو.
اين سي او سي چيو آهي ته موڊرنا ويڪسين ٻاهرين ملڪ ويندڙ 16 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي لڳائي ويندي.
اين سي او سي موجب ويڪسين رڳو انهن شاگردن کي لڳائي ويندي، جن لاءِ ويڪسين يونيورسٽي سبب ضروري آهي، شاگردن کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ ضروري ڪاغذ ۽ ويڪسين جي ضرورت جو ثبوت ڏيڻو پوندو.
هدايت نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موڊرنا پاڪستان ۾ 18 سالن يا ان کان وڌيڪ جي عمر جي شهرين کي لڳائي ويندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اين سي او سي چيو هو ته موڊرنا ويڪسين ڳورهاري عورتن کي به لڳائي سگهجي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔