افغان حڪومت جي ميڊيا انفارميشن سينٽر جو سربراهه قتل

ڪابل: افغان حڪومت جي ميڊيا انفارميشن سينٽر جي سربراهه کي قتل ڪيو ويو آهي.
افغانستان جي خبر ڏيندڙ ويب سائيٽ حڪومت جي ميڊيا انفارميشن سينٽر جي سربراهه دوا خان ميناپال جي قتل جي تصديق ڪئي آهي.
ويب سائيٽ موجب دوا خان واري ڏينهن منجهند جو ڪابل جي اولهه واري علائقي دارلامان روڊ تي فائرنگ جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو قتل ٿي ويو.
افغان ميڊيا موجب طالبان دوا خان کي قتل جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
افغان حڪومت جي ميڊيا ۽ انفارميشن سينٽر جي سربراهه کان اڳ دوا خان افغان صدر جي نائب ترجمان جون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ هُو 2016 کان 2020 تائين ان عهدي تي رهيو.
ان کانسواءِ هن 2015 ۾ قندهار ۾ به حڪومتي ميڊيا انفارميشن سينٽر ۾ ذميواريون سرانجام ڏنيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔