نوازشريف کي لنڊن علاج لاءِ پنجاب ۽ وفاقي حڪومت اماڻيو هو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف جو ويزا ايڪساپائر ٿيو هو جنهن جي مدي ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏني وئي. ويزي جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏيڻ عام ڳالهه آهي. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوازشريف طبي بنياد تي درخواست ڏني هئي. گهرو وزارت درخواست تي چيو ته اوهان وٽ اپيل جو حق آهي. ٽربيونل جي فيصلي تائين نوازشريف جو لنڊن ۾ ترسڻ قانوني آهي. هن چيو ته نوازشريف ڌيءَ جو هٿ جهلي ملڪ موٽيو. چيو ٿو وڃي ته هو ڀڄي ويو. نوازشريف کي برطانيه علاج لاءِ پنجاب ۽ وفاقي حڪومت اماڻيو.مريم اورنگزيب چيو ته 3 سالن جي دوران احتساب جو بيانيو دفن ٿي چڪو آهي. ڀاڙي جا ترجمان اٽو ۽ بجلي سستي ڪرڻ جي ڪابه پريس ڪانفرنس نٿا ڪري سگهن. ڀاڙي جا ترجمان ايتريون وفاداريون بدلائيندا آهن جو کين بيان بدلائڻ لاءِ به شرم نٿي اچي. نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي وڌيڪ جاچ ڪرڻي هئي ته جيل ۾ ڇو نه ڪئي وئي؟ ليگي اڳواڻ چيو ته نيب وٽ گرفتاري دوران اهڙو ڇا ٿيو جنهن سان نوازشريف جي طبيعت خراب ٿي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔