فردوس عاشق اعواڻ کي هڪ دفعو ٻيهر وفاق ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بزدار جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کي هڪ دفعو ٻيهر وفاق ۾ اهم ذميواري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن چيو آهي ته ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کي وفاق ۾ بهبود آبادي کاتي جي خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي. فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم جي صلاحڪار جي حيثيت سان ذميواريون ادا ڪندي. ياد رهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار جون ذميواريون نڀائي چڪي آهي. ذريعن موجب پنجاب ۾ فياض الحسن چوهاڻ کي هڪ دفعو ٻيهر اطلاعات واري وزارت ڏني ويندي. فياض الحسن چوهاڻ اڳ به اطلاعات واري وزارت جون ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔