ڪوئٽه مان اغوا کان پوءِ قتل ڪيل اي اين پي اڳواڻ عبيدالله ڪاسي مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪوئٽه: ڪوئٽه مان اغوا کان پوءِ قتل ڪيل عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ملڪ عبيدالله ڪاسي کي ڪچلاڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اي اين پي جي اڳواڻ ملڪ عبيدالله ڪاسي کي 26 جون تي ڪچلاڪ جي علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ ان جو پشين واري علائقي سرانان مان لاش هٿ آيو هئو. گذريل ڏينهن عبيدالله ڪاسي جي قتل خلاف ڪوئٽه م احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنهن ۾ ان جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. عبيدالله ڪاسي جي جنازي نماز ڪلي ڪيتر ڪچلاڪ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن شرڪت ڪئي. عوامي نيشنل پارٽي اڄ صوبي ۾ شٽر ڊائون ۽ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔