پوليس اسٽيشن مٿان حملي واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڇهن سالن کان پوءِ بري

ڪراچي: عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خلاف پوليس اسٽيشن تي حملي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. رپورٽ موجب دهشتگردي جي انت واري عدالت ذوالفقار مرزا خلاف بدين ۾ پوليس اسٽيشن مٿان حملي واري ڪيس جو 6 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سميت 28 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ان جي ساٿين خلاف بدين ۾ 2015 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ پوليس بيان ڏنو هو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ساٿين سان گڏ ٿاڻي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جي خلاف شڪايت داخل ڪرائڻ جي لاءِ ويو هو. ذوالفقار مرزا پوليس اهلڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ايس ايڇ او جو موبائل به ڀڳو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔