ايندڙ چونڊن کان اڳ شيخ رشيد نئين پارٽي ۾ شامل ٿي ويندو: منظور وساڻ

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد بابت وڏو خواب ڏسي ورتو.سياسي خواب ڏسڻ جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ شيخ رشيد نئين پارٽي ۾ شامل ٿي ويندو. پر هن وفاقي وزير جي نئين پارٽي جو نالو نه ٻڌايو آهي. واضح رهي ته منظور وساڻ ڪيترن ئي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين بابت خواب ڏسڻ جا دعويٰ ڪري چڪو آهي.منظور وساڻ هن سال عيدالاضحيٰ کان اڳ وڏي قرباني جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ جولاءِ جي مهيني کي وزيراعظم جي لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو هو. پ پ اڳواڻ 2018 جي عام چونڊن کان پوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شادي جي به اڳڪٿي ڪئي هئي پر بلاول ڀٽو زرداري اڃان تائين شادي نه ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔