قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرز جو رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي خلاف احتجاج

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرز جو رحيم يار خان ۾ مندر تي حملي خلاف احتجاج، کيئلداس ڪوهستاني، لال مالهي، رميش ڪمار وانڪواڻي ۽ ٻين اقليتي ايم اين ايز طرفان واقعي تي ڳڻتي جو اظهار، اقليتي ميمبرز احتجاج ڪندي چيو آهي ته هيل تائين مندر تي حملي ۾ ملوث هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، گهر وزير ٻڌائي ته جوابدارن کي ڇو گرفتار نٿو ڪي وڃي، انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مندر تي حملي جو نوٽيس ورتو آهي، آءِ جي پنجاب کي فوري گرفتارين جي هدايت به ڪئي وئي آهي، هن واقعي تي سياست ڪرڻ ٺيڪ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔