ٽرانسفارمر ڌماڪو ڪيس: ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او سوڌو 5ملازمن جي ضمانت منظور

حيدرآباد:عدالت ٽرانسفارمر ڌماڪو ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدار ايڪسيئن، ايس ڊي او سميت 5 ملازمن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي، ايس ڊي او محمد عرفان، لائين مين اشفاق احمد، محمد دانش ۽ فاروق بيگ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مان 5 ڏينهن اڳ گرفتاري کان اڳ واري ڪچي ضمانت ڪرائي هئي، ايڪسيئين لطيف آباد ظفر سولنگي گرفتاري بعد وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، عدالت گرفتار ايڪسيئين جي به 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته واقعي واري ڏينهن ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او سميت ڄاڻايل ملازمن مان ڪو به واقعي واري هنڌ موجود نه هو، جڏهن ته جاچ آفيسر چيو ته ايڪسيئين ۽ ايس ڊي او سميت 5 ملازمن جا نالا ڪيس ۾ نه آهن پر کين جاچ ڪميٽي جي سفارش تي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔