جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڊاڪٽرن قاضي فائز عيسيٰ کي صحتمند قرار ڏيندي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهر واري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن ان حوالي سان چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سيرينا فائز عيسيٰ جو ڪورونا پي سي آر ٽيسٽ منفي اچي ويو آهي جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن جي هدايت تي سيرينا فائز عيسيٰ قرنطينه ختم ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن چيو آهي ته ڊاڪٽرن جي خصوصي ٽيم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو معائنو ڪيو. ان جون روٽين ٽيسٽ رپورٽون نارمل آهن جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن قاضي فائز عيسيٰ کي صحتمند قرار ڏيندي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ نجي اسپتال مان گهر منتقل ٿي ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري جو 23 جولاءِ تي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو هو، ٻنهي ۾ ڊيلٽا ويرينيٽ جي تصديق ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔