محرم الحرام ۾ امن امان لاءِ حساس هنڌن تي سول آرمڊ فورسز مقرر ڪئي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪئي ويندي.رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ محرم الحرام جي دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب، بلوچستان، جمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ امن امان کي هر صورت ۾ يقيني بنايو وڃي ۽ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. وفاقي حڪومت امن امان جي حوالي سان سمورا وسيلا مهيا ڪندي ۽ سهولتون فراهم ڪندي. امن امان جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي گادي وارن شهرن جو دورو به ڪندس. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته حساس علائقن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص قدم کنيا ويندا. امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ انتظاميه جي مدد لاءِ سول آرمڊ فورسز به مقرر ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔