مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو اجلاس يارهين آگسٽ تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان 11 آگسٽ تي اجلاس گهرائي ورتو آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان طرفان گهرايل اجلاس ۾ حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويندا. جڏهن ته پي ڊي ايم جي سربراهي ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ مستقبل جي سياسي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هن چيو ته خطي جي صورتحال پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۽ افغان تڪرار تي گڏيل پاليسي تي عمل ڪرڻ ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔